ڪراچي: (آچر: 26 مارچ 2023ع) سنڌ جي 15 ضلعن ۾ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ 90 پولنگ اسٽيشنز تي ٻيهر چونڊ ٿي رهي آهي. صبح 8 وڳي کان شروع ٿيندڙ ووٽنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. ضلعي جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، قمبرشهدادڪوٽ، سکر، خيرپور، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، حيدرآباد، ڄامشورو ۽ بدين جي مختلف يوسي ڪائونسلن تي چيئرمين، وائيس چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر، جنرل ميمبرز جي سيٽن تي ٻيهر پولنگ جو عمل جاري آهي.ڄامشورو ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 2 ۾ ملتوي ٿيل چونڊون اڄ ٿي رهيون آهن، وارڊ نمبر 2 ۾ چونڊن جا انتطام مڪمل ڪيا ويا آهن جنهن جي لاءِ 4 بوٿ قائم ڪيا ويا آهن. پولنگ اسٽيشن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. نئون ڪوٽ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي جنرل ڪائونسلر جي چونڊ لاءِ ٻيهر چونڊ ٿي رهي آهي. ياد رهي ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ بيلٽ پيپر ۾ چونڊ نشان غلط هجڻ ڪري نئون ڪوٽ جي وارڊ نمبر 4 جون چونڊون ملتوي ڪيون ويون هيون. ڪنڌڪوٽ ۾ به ري پولنگ جو عمل جاري آهي يونين ڪونسل ددڙ جي ٽن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيھر ووٽنگ جي شروعات ٿي چڪي آهي. اليڪشن ڪمشنر پولنگ اسٽيشن مان بيلٽ پيپر چوري ۽ جھيڙو ٿيڻ واري واقعي تي ٽن پولنگن تي ٻيھر اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو. فيض گنج ۾ يوسي 49 ڪنڊياري جي پولنگ ديھ مھر علي انڙ ۾ ووٽنگ جو عمل شروع ٿي ويو آھي بيلٽ باڪس چوري ٿيڻ واري معاملي کان پو اليڪشن ڪميشن پاران ٻيھر ووٽنگ ٿي رھي آھي ووٽنگ دوران سيڪورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آھن
ٻئي طرف حيدرآباد جي پرائمري اسڪول رضيه سلطانه جي پولنگ اسٽيشن ۾ پي ٽي آءِ ۽ پ پ جي ڪارڪنن ۾ جهيڙو ٿي پيو جنهن دوران هڪ ٻئي مٿان لتن ۽ مُڪن جو وسڪارو ٿي ويو. ڪوٽڏيجي ۾ جي ڊي اي پاران پوليس مٿان ووٽرز کي حراسان ڪرڻ جو الزام هڻي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. خيرپور ۾ 2 ٽائون ڪميٽين ۽ يونين ڪائونسل جي هڪ هڪ وارڊ ۾ اڄ ٻيهر چونڊون ٿي رهيون آهن. يوسي ڪندياري جي وارڊ نمبر 4 ۾ ٻيهر پولنگ ٿي رهي آهي. جڏهن ته ٽائون ڪميٽي ڪوٽڏيجي وارڊ 5 جي پولنگ اسٽيشن 7 ۾ ووٽنگ دير جو شڪار ٿي.