اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف صدر عارف علوي کي 5 صفحن ۽ 7 نڪتن تي ٻڌل جوابي خط اماڻي ڇڏيو آهي.صدر عارف علوي طرفان 24 مارچ تي لکيل خط جي جواب ۾ وزيراعظم شهباز شريف لکيو ته مان اهو چوڻ تي مجبور آهيان ته اوهان جو خط پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي پريس ريليز نظر اچي ٿو. اوهان جو خط هڪ طرفو ۽ حڪومت مخالف خيالن تي جڙيل آهي جنهن جو اوهان کليل اظهار ڪندا آهيو.وزيراعظم شهباز شريف لکيو آهي ته اوهان جو خط صدر جي آئيني عهدي جو آئينيدار ناهي، اوهان لاڳيتو اهو ئي ڪري رهيا آهيو. 3 اپريل 2022 تي اوهان قومي اسيمبلي ٽوڙي اڳوڻي وزيراعظم جي غير آئيني هدايتن تي عمل ڪيو. قومي اسيمبلي کي ٽوڙڻ جي اوهان جي حڪم کي سپريم ڪورٽ 7 اپريل تي غير آئيني قرار ڏنو.آرٽيڪل 91 ڪلاز 5 جي تحت منهنجي حلف تي به اوهان آئيني فرض نڀائڻ ۾ ناڪام ٿيو. ڪيترن ئي موقعن تي اوهان عوام طرفان چونڊيل آئيني حڪومت خلاف فعال انداز ۾ ڪم ڪندا رهيا آهيو.شهباز شريف خط ۾ اهو به چيو آهي ته مون اوهان سان بهتر لاڳاپن جي پوري ڪوشش ڪئي آهي. پر ان باوجود اوهان طرفان ڪا مناسب موٽ ناهي ملي. ياد رهي ته صدر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف کي 24 مارچ تي خط لکيو هو.