پهرين مارچ جو فيصلو اسان جو اندروني معاملو آهي(جسٽس جمال) ڪليئر ڪرڻ تي ٿورائتا آهيون: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ملتوي ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پهرين مارچ جو فيصلو ڪيترن ميمبرن جو آهي. اهو سپريم ڪورٽ جو اندروني معاملو آهي. ان تي چيف جسٽس چيو ته معاملو ڪليئر ڪرڻ تي جسٽس جمال مندوخيل جو ٿورائتو آهيان.چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته پهرين مارچ جي عدالتي حڪم کي اڳ طئي ڪيو وڃي. ان تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته پهرين مارچ جي فيصلي تي منهنجو جواب هو ته قانون صدر کي اختيار ڏئي ٿو ته هو تاريخ ڏئي. جيڪڏهن اوهان پهرين مارچ جي فيصلي تي وضاحت چاهيو ٿا ته ڌار کان درخواست ڏيو.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته سادو سوال آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخ اڳيان ڪري سگهي ٿو يا نه! جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو اختيار ٿيو ته ڳالهه ختم ٿي ويندي.اٽارني جنرل چيو ته عدالتي فيصلو جيڪڏهن چار ٽن جو هجي ته ڪنهن حڪم جو وجود ئي ناهي جنهن جي ڀڃڪڙي ٿئي. عدالتي حڪم نه هو ته صدر عارف علوي به تاريخ ڏئي سگهيو ٿي. ان تي چيف جسٽس چيو ته هن وقت ڪيس تاريخ ڏيڻ جو نه پر ملتوي ڪرڻ جو آهي. جمهوريت جي لاءِ چونڊون ضروري آهن. ٻن معزز ججز فيصلو ڏنو آهي. انهن ٻن ججز جي پنهنجي راءِ آهي پر ان جو موجوده ڪيس سان ڪوبه تعلق ناهي.ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پهرين مارچ جو فيصلو ڪيترن ميمبرن جو آهي. اهو سپريم ڪورٽ جو اندروني معاملو آهي. اهو ٻڌايو ته ڇا آئين 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي گهرج ڪري ٿو يا نه؟ ڇا اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪري سگهي ٿو؟ جسٽس جمال جي ريمارڪس تي چيف جسٽس چيو ته معاملو ڪليئر ڪرڻ تي جسٽس جمال مندوخيل جو ٿورائتو آهيان.ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته سمورن قومي ادارن جو احترام لازمي آهي.چيف جسٽس پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر کان سوال ڪيو ته ڇا اوهان پنهنجي سياسي قيادت سان ڳالهيون ڪيون؟ پي ٽي آءِ کي اڳرائي ڪرڻي پوندي ڇو ته عدالت سان رابطو انهن ڪيو آهي.جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ملڪ ۾ هن وقت تشدد ۽ عدم برداشت آهي. معاشي حالتون ڏسو. اٽي جي لاءِ لائنون لڳل آهن. پاڻ ۾ وڙهڻ بدران انهن ماڻهن جي لاءِ سوچو. ان تي پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر چيو ته چونڊن ۾ دير ٿي ته اهو بحران وڌيڪ وڌندو. چيف جسٽس جواب ڏنو ته تحريڪ انصاف جيڪڏهن اڳرائي ڪري ان کان پوءِ ئي حڪومت کي چونداسين.