50

پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻيون پونديون: اعتزاز احسن

لاهور: سينئرقانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جون چونڊون ڪرائڻيون پونديون.اعتزاز احسن لاهور هاءِ ڪورٽ پهچڻ تي ڳالهيون ڪندي چيو ته چونڊون ڪرائڻيون پونديون. 5-3 جو فيصلو اتي ئي رهندو. ان تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻو پوندو.اعتزاز احسن چيو ته چيف جسٽس جو پاڻمرادو نوٽيس آرٽيڪل 184 جي سب سيڪشن 3 جي تحت پارليامينٽ طرفان ڪيل قانونسازي جو پاڻمرادو نوٽيس تي ڪوبه اثر نه پوندو.سينئرقانوندان چيو ته پهرين مارچ کان عدالتي فيصلو 3/2 جي اڪثريتي راءِ سان برقرار رهندو. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس مندو خيل چئي چڪا آهن ته پهرين مارچ جو فيصلو ڏئي چڪا آهيون. اعتزاز احسن چيو ته هي منصور علي شاهه جي اختلافي نوٽ کي پارليامينٽ مان ريگوليٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو