اوٻاوڙو: اوٻاوڙو ويجهو ڳوٺ جمن ڀٽو وٽان ڏھر واھ کي لڳل گهاري ھر پاسي تباھي مچائي ڇڏي سوين ايڪڙ ڪڻڪ جو فصل، سبزيون چوپائي مال جو گاھ ۽ مڇي جا تلاءَ لڙھي ويا پاڻي ڳوٺن ۾ به ڪاھي پيو گهر جو به نقصان ٿي ويو ھر پاسي پاڻي ئي پاڻي ھجڻ سبب ڳوٺ جمن ڀٽو ڳوٺ بلوچ خان چانگ ۽ ٻين ٻھراڙي جي علائقن جو شھر سان ڳنڍيل زميني رابطو به ٽٽي ويو علائقي واسين جو ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي ويو جنهن سبب علائقي واسين جا ٻئي ھٿ مٿي تي اچي ويا ان ڏس ۾ گهاري سبب متاثر ٿيل علائقي واسين جو چوڻ آهي ته آبپاشي عملي جي غفلت سبب ڏھر واھ ۾ گهارو پيو آهي گذريل مينھن سبب واھ جا ڪپ ڪمزور ٿيل ھيا ۽ انهن جي مرمت نه ٿيل نه ھئي جنھن سبب ڏھر واھ کي گهارو پيو آهي متاثر علائقي واسين اھو به الزام مڙھيو آهي ته گهارو بند ڪرڻ لاءِ آبپاشي عملي کي اطلاع ڏيڻ باوجود ڪوبه عملدار واقعي واري ھنڌ نه پھتو جنھن سبب ڳوٺاڻن سموري رات محنت ڪري گهارو بند ڪيو آهي متاثرن حڪومت کان نقصان جي ازالي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.