61

عدالتي اصلاحات بابت بل 2023 قومي اسيمبلي مان گڏيل طور تي منظور

اسلام آباد: عدالتي اصلاحات بابت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 گڏيل طور تي قومي اسيمبلي مان منظور ڪيو ويو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس شروع ٿيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل تي قائمه ڪميٽي جي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وئي. قائمه ڪميٽي رپوٽ چيئرمين محمود بشير ورڪ ايوان ۾ پيش ڪئي.عدالتي اصلاحات بابت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023 جي شق وار منظوري ورتي وئي. بل 2023 تي راءِ شماري جي تحريڪ پڻ منظور ڪئي وئي.محسن داوڙ بل ۾ ترميم پيش ڪئي ۽ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ترميم جي حمايت ڪري ڇڏي. محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جو نسله ٽاور به پاڻمرادو نوٽيس سبب ڪيرايو ويو. هن تجويز ڏني ته ماضي ۾ 3/184 جي متاثرين کي 30 ڏينهن ۾ اپيل جو حق ڏنو وڃي.اعظم نذير تارڙ چيو ته هي هڪ بار جي قانونسازي آهي ڪوبه پنڊورا باڪس نه کلندو. پ پ محسن داوڙ جي ترميم جي حمايت ڪري ڇڏي جنهن کان پوءِ ماضي ۾ 3/184 جي متاثرين کي اپيل جو حق ڏيڻ جي ترميم منظور ڪئي وئي.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وفاقي وزير شيري رحمان چيو ته هي بل هڪ ماڻهو جي اختيارن کي سينئر ججن ۾ ورهائڻ تي آهي. عدالتن اندر ججن وچ ۾ جيڪي اختلاف جا آواز اچي رهيا آهن اهي سڀني جي سامهون آهن ۽ اهو پارليامينٽ جو حق آهي جيڪو هو استعمال ڪري رهيو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جو ڪيس دير جو شڪار ڪري ان کي عدالتي قتل ڪيو ويو. ضياءُالحق عدليه جا سمورا اختيار هڪ ماڻهو کي ڏنا.دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته يوسف رضا گيلاني کي نااهل ڪيو ويو. هن قانون تي نظر ثاني نٿي ٿي سگهي. توهين عدالت جي قانون ۾ نظر ثاني ٿيڻ گهرجي. بينچ طرفان نوازشريف جي لاءِ سسلين مافيا چيو ويو. عدليه بحال تحريڪ تي حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ لاهور ۾ منهنجي گهر اندر مشاورت ٿي اڄ کان 15 سال اڳ اهڙي قانونسازي جي ڪوشش ڪئي هئي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ اسان جمهوري آئيني بحران ڏٺو ۽ ڊڪٽيٽر جو مقابلو ڪيو. پاڪستان تاريخي مهانگائي ۽ معاشي مهانگائي جو مقابلو ڪري رهيو آهي. روس يوڪرين جي جنگ ۽ ڪورونا دوران عالمي معيشت تي وڌندڙ دٻاءُ اسان جي هٿ ۾ نه آهي. هن چيو ته نااهل ۽ نالائق وزيراعظم ملڪ کي دهشتگردي ۽ معاشي بحران ۾ ٻوڙي ڇڏيو. دهشتگردن هڪ دفعو ٻيهر ڪر کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. اسان اهو ڪم پاڪستان ۾ ڪري ڏيکاريو جيڪو نيٽو ۽ ايصاف افغانستان ۾ نه ڪري سگهيا.پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي سان اسان تي هڪ وزيراعظم مڙهيو ويو جنهن عوام جي پٺي جي پٺيان فيصلو ڪيو. رت جي راند کيڏندڙن کي نااهل وزيراعظم جيلن مان آزاد ڪرايو. ملڪ جي معاشي بحران جي پٺيان سليڪٽر وزيراعظم آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي جو ذميوار سليڪٽڊ وزيراعظم آهي. قبائلي عوام دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون وجهي مقابلو ڪيو پر بدقسمتي سان اڳوڻي حڪمران دهشتگردن کي واپس آڻي رهايو. قبائلي عوام جي دهشتگردن سان مقابلي جي سڄي دنيا ۾ مثال نٿي ملي.بلاول چيو ته اسان شريفن جي سياست ڪندا آهيون پر ائين نٿو ٿي سگهي ته آئين ٽوڙيو وڃي ۽ اسان خاموش رهون، عوام کي ٻڌائڻو پوندو ته ملڪ بحران جو شڪار ڇو آهي. هن چيو ته اڳوڻي آرمي چيف پاڻ چيو ته ماضي ۾ سياست ۾ مداخلت ڪندا هئاسين. ڪنهن آمر جي اولاد جو سياسي مستقبل نٿو ٿي سگهي. ڇا سبب آهي جو جيترا به آمر رهيا انهن سڀني جا اولاد اڄ تحريڪ انصاف ۾ آهن.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته بل ۾ ترميم ڪيل عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز تي به اپيل جو حق حاصل هوندو. بل ۾ نئين ترميم تحت آئيني قانوني معاملات ۾ بينچ گهٽ کان گهٽ 5 ججز تي مشتمل هوندو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو