54

اليڪشن ڪميشن کي چونڊن جي تاريخ اڳيان وڌائڻ جو اختيار حاصل آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ ۽ گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته اسان جي سمجهه موجب اليڪشن ڪميشن کي تاريخ اڳيان وڌائڻ جو اختيار حاصل آهي. سمورين اسيمبلين جون چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن.صحافين سان ڳالهيون ڪندي ليگي اڳواڻ راڻا ثناءُالله چيو ته بدقسمتي سان اهڙا فيصلا ٿيندا رهيا جنهن سان معاشري ۾ توازن برقرار نه رهيو. سپريم ڪورٽ جو فيصلو اندروني معاملو نٿو ٿي سگهي. هن معاملي سان پوري قوم جڙيل آهي. هن معاملي تي وسوسا ختم ٿيڻ گهرجن. اهي وسوسا فل ڪورٽ بينچ ختم ڪري سگهي ٿي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ مان اميد رکون ٿا ته هن معاملي تي قوم جي رهنمائي ڪئي ويندي. ٻه شيون جيڪي شڪ پيدا ڪري رهيون آهن انهن کي فيصلي کان اڳ ختم ڪرڻ ضروري آهي. پارليامينٽ ڪالهه صحيح وقت تي پنهنجو فرض ادا ڪيو.گهرو وزير وڌيڪ چيو ته جهڙي طرح سان چونڊون ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. ان سان چونڊن کي ڪير به نه مڃيندو. سمورين اسيمبلين جون چونڊون گڏ ٿيڻ گهرجن.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو