وزيراعظم شهباز شريف جسٽس فائز عيسيٰ خلاف ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف وڏو فيصلو ڪندي سپريم ڪورٽ جي سينئر ترين جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽيوريويو ريفرنس واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي ڪابينه اڳ ئي هن فيصلي جي منظوري ڏئي چڪي آهي. وزيراعظم قانون واي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ کي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.ڪمزور ۽ بي بنياد سببن تي ڪيوريٽيو ريويو ريفرنس داخل ڪرڻ سبب حڪومت ان ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.وزيراعظم چيو ته ريفرنس جي نالي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سندس گهر ڀاتين کي هراسان ۽ بدنام ڪيو ويو، اهو ريفرنس نه هو، آئين ۽ قانون جي رستي هلڻ واري هڪ جج خلاف عمران نيازي جي انتقامي ڪارروائي هئي. اهو عدليه جي آزادي تي راتاهو ۽ ان کي ورهائڻ جي ناڪام سازش هئي.شهباز شريف چيو ته پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ اتحادي پارٽين اپوزيشن جي دور ۾ به ان ڪوڙي ريفرنس جي مذمت ڪئي هئي. عمران نيازي صدر جي آئيني عهدي جو ان ڏوهاري فعل جي لاءِ ناجائز استعمال ڪيو. صدر عارف علوي عدليه تي حملي جي ڏوهه ۾ اوزار طور استعمال ٿيو ۽ هڪ ڪوڙ جو حصدار بڻيو. پاڪستان بار ڪائونسل سميت وڪلا تنظيمن به ان جي مخالفت ڪئي هئي. سندن راءِ جي قدر ڪريون ٿا.