اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪوشش آهي ته هلندڙ سال اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 13 ارب ڊالرن تائين پهچي وڃن.سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جو ٻاهريون قرض گهٽ ٿي ويو آهي. ڪوشش آهي ته ذخيرن ۾ بهتري آندي وڃي. اڳ به چيو آهي ته معيشت تي سياست نه ڪئي وڃي. چارٽر آف اڪانوني تي ڳالهيون ڪيون وڃن.ناڻي واري وزير چيو ته موجوده حڪومت هڪ ڏينهن به ٻاهرين ادائيگي ناهي روڪي. اسان جي ڪوشش آهي ته هلندڙ سال اسٽيٽ بينڪ جا ذخيرا 13 ارب ڊالرن تائين پهچي وڃن. اسٽيٽ بينڪ کي رياست جي اندر رياست بنايو ويو. مانيٽري پاليسي ۾ ناڻي واري وزارت جو ڪوبه عمل دخل ناهي.اسحاق ڊار چيو ته چونڊن جو معاملو سپريم ڪورٽ ۾ هلي رهيو آهي. جيڪڏهن چونڊون هن وقت ٿيون ته پراڻين تڪ بندين تي ٿينديون. 2 حڪومتون هن وقت ٺهي وڃن ته ڇا آڪٽوبر ۾ شفاف چونڊون ٿي سگهن ٿيون. آدمشماري 71ع جيان ڪئي پئي وڃي. آدمشماري جيڪا 2017 ۾ ڪئي وئي ان تي تمام گهڻو خرچ ٿيو پر ان باوجود به اعتراض ڪيو ويو هن آدمشماري ۾ به چيو ويو آهي ته هن ۾ ترميم آندي وڃي ۽ ترميم آندي به وئي.هن چيو ته 2017 ۾ به ترميم آندي وئي هئي ٻيهر آڻڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي. پنجاب ۽ ڪي پي چونڊون ٻيهر پراڻي آدمشماري تي ٿينديون.