اسلام آباد: قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظور ڪري ورتو.سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي تحريڪ جمع ڪرائي. سينيٽ ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل قائمه ڪميٽي حوالي ڪرڻ جي اپوزيشن جي تحريڪ رد ڪئي وئي ۽ بل فوري طور تي منظور ڪرڻ جي تحريڪ منظور ڪئي وئي.اپوزيشن ميمبرن طرفان سينيٽ ۾ احتجاج ڪيو ويو. اپوزيشن جي سينيٽرز چيئرمين سينيٽ جي ڊائيس جي سامهون پهچي ويا ۽ عدليه تي حملا نامنظور جا نعرا لڳايا.ان دوران سينيٽ سيڪيورٽي حڪومتي ۽ اپوزيشن بينچ جي وچ ۾ حصار ٺاهي ورتو جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويو.بل کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. بل جي حق ۾ 60 ۽ مخالفت ۾ 19 ووٽ پيا. اپوزيشن سيٽن تي موجود فاٽا ۽ بلوچستان عوامي پارٽي سان تعلق رکندڙ سينيٽرز به بل جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو.بل تحت چيف جسٽس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار هوندو. بينچن جي جوڙجڪ ۽ پاڻمرادو نوٽيس جو فيصلو هڪ ڪميٽي ڪندي جنهن ۾ چيف جسٽس ۽ 2 سينئر ترين ججز هوندا. نئين قانونسازي تحت نوازشريف کي پاڻمرادو نوٽيس تي مليل سزا تي اپيل جو حق ملي ويو، يوسف رضا گيلاني، جهانگير ترين ۽ ٻيون ڌريون به فيصلن کي چئلينج ڪري سگهندا.ووٽنگ کان اڳ سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ جا سمورا ججز برابر آهن. اداي کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ شخصيت کي مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ نظام کي مضبوط ڪيو وڃي. قومي اسيمبلي گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ بل 2023 پاس ڪيو هو. پارليامينٽ کي اختيار آهي ته هو قانونسازي ڪري سگهي ٿي.ان دوران پي ٽي آءِ جي سينيٽر علي ظفر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهزاد وسيم بل تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي سينيت چيئرمين کيس ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته سوالن جو وقفو مڪمل ٿي وڃي مان بل ان وقت تائين غور هيٺ نه آڻيندس جيستائين اوهان بل تي ڳالهائي نه وٺو.سينيٽر علي ظفر چيو ته عدالت پڇي رهي هئي ته آئين ۾ ڪٿي لکيل آهي ته پئسا نه هجڻ سبب چونڊن ۾ دير ٿي سگهي ٿي. ڇا اسان آئيني ترميم کان سواءِ 3/184 ۾ ترميم ڪري سگهجي ٿي، آئين جي آرٽيڪل 3/184 ۾ تبديلي جي آئيني ترميم گهرجي.پي ٽي آءِ سينيٽر چيو ته مان هن فلور تي چئي رهيو آهيان ته هي بل ايندڙ 20 ڏينهن ۾ ڪالعدم قرار ڏنو ويندو. اسان صرف فيڊرل قانون فهرست ۾ ئي قانونسازي ڪري سگهون ٿا پر سپريم ڪورٽ جي اختيارن تي قانونسازي نٿي ٿي سگهي.اجلاس ۾ وڪلا، فلاح ۽ تحفظ بل 2023 به اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو. بل وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪيو. سينيٽ اجلاس سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.
