اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ ٽيريان ڪيس ۾ عمران خان کي نااهل قرقار ڏيڻ جي درخواست کي ٻڌڻ جڳو هجڻ يا رد ڪرڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.رپورٽ موجب پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي ٽيريان نالي ڌيءَ کي ظاهر ڪرڻ جي الزام هيٺ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار محمد ساجد جي وڪيل حامد علي شاهه عدالت جي سامهون پيش ٿيو.درخواستگذار چيو ته عمران خان اليڪشن ڪميشن ۾ ڏنل حلفيه بيان ۾ پنهنجي ٻارڙي جو نالو ظاهر ناهي ڪيو. پبلڪ آفيس هولڊر ۾ ئي آهي ته عمران خان بطور پارٽي سربراهه نٿو رهي سگهي. عمران خان پٽيشن ۾ ذڪر ڪيل حقيقتن جو جواب ناهي ڏنو جنهن سان اها ڳالهه سچي آهي. عمران خان جي نااهلي لاءِ سموريون حقيقتون پٽيشن ۾ لکيل آهن.هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته اڃان تائين ڪنهن به رڪارڊ موجب عمران خان نه انڪار ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪجهه مڃيو آهي. اڃان تائين عدالت اها پٽيشن ٻڌڻ جوڳي هجڻ جي حوالي سان ٻڌي رهي آهي.عدالت ۾ وڪيل عمران خان طرفان جمع ڪرايل حلفي بيان پڙهيو ۽ چيو ته عمران خان بشريٰ بي بي، قاسم خان ۽ سلمان خان جو ذڪر حلفي بيان ۾ ڪيو. عمران خان چيو ته 2 پٽ پنهنجي ماءُ سان گڏ رهندا آهن ۽ اهي فنانشلي ڪفالت هيٺ نه آهن. ٽيريان جي اڃان تائين شادي ناهي ٿي اسلامڪ لا جي تحت اڃان هو ڪفالت هيٺ آهي.پٽيشنر جي وڪيل حامد علي شاهه اسلامڪ لا جا حوالا ڏنا ۽ چيو ته سمورا فتاوي چون ٿا ته ڌيءَ پيءُ جي ڪفالت هيٺ هوندي. پٽيشنر محمد ساجد پاڪستاني شهري آهي، ٻين شهرين جيان آهي. ان جملي تي چيف جسٽس کلندي ريمارڪس ڏنا ته هو محب وطن پاڪستاني آهي. وڪيل چيو ته عدالتي فيصلن موجب جيڪڏهن ڪو ڪوڙو حلفي بيان ڏئي ٿو ته اهو 62 ون ايف جي تحت نااهل ٿيندو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن عدالت انهي نڪتي تي پهچي وڃي ته هي حلفي بيان غلط هو ته پوٰ ڇا ٿيندو.؟ وڪيل حامد علي شاهه چيو ته پوٰءِ اهو اسيمبلي ميمبر بنجڻ ۽ پارٽي اڳواڻ رهڻ کان نااهل ٿي ويندو.
وڪيل چيو ته سامهون واري پارٽي چيو ته اسان پٽيشن ۾ ڊي اين اي جو لکيو حالانڪه اسان اهو ناهي لکيو، هن لکيو ته ٽيريان آمريڪا ۾ رهندي آهي. حالانڪه ائين ناهي ٽيريان پنهنجن ڀائرن سان گڏ يوڪي ۾ رهندي آهي.عدالت پڇاڻو ڪيو ته اليڪشن ڪميشن جو ان حوالي سان ڪهڙو موقف آهي؟ ان تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ماضي ۾ ثبوت نه هجڻ جي آڌار تي اهڙي قسم جون درخواستون رد ٿي چڪيون آهن.چيف جسٽس چيو ته اها درخواست اسان صرف ٻڌڻ جوڳي هجڻ جي حد تائين ٻڌي آهي. جيڪڏهن ٻڌڻ جوڳي هوندي ته ڪيس اڳيان هلندو ۽ نه هوندي ته ڪيس ختم ٿي ويندو. جنهن کان پوءِ عدالت عمران خان خلاف نااهلي ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ يا نه هجڻ بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.