ٽوڪيو: جاپان جي مشهور ٽريڊنگ ڪمپني پنهنجي آئرش پارٽنر ڪمپني سان ملي پاڪستان کي روسي تيل ۽ نائجيريا جي ايل اين جي عالمي مارڪيٽ کان 35 سيڪڙو گهٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهين حوالي سان جاپاني ڪمپني جي نمائندي ٽوڪيو ۾ پاڪستان جي سفير کي اها آڇ ڪئي آهي. اها ملاقات جاپان ۾ رهندڙ مشهور پاڪستاني ڪاوباري شخصيت ۽ پاڪ جاپان بزنس ڪائونسل جي صدر رانا عابد حسين جي مدد سان ٿي. جنهن ۾ جاپاني ڪمپني جي نمائندي جاپان ۾ پاڪستاني سفير کي تيل ۽ ايل اين جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو.جاپاني نمائندي ٻڌايو ته اسان جي جاپاني ڪمپني ۽ آئرلينڊ جي ڀائيوار ڪمپني وٽ روسي تيل ۽ نائيجيريا جي ايل اين جي وڪرو ڪرڻ جو لائسنس آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي حڪومت تيل ۽ گئس جي خريداري ۾ دلچسپي رکي ٿي ته جاپاني ڪمپني عالمي مارڪيٽ کان 34 سيڪڙو گهٽ ۾ اهي ٻئي شيون پاڪستان کي وڪرو ڪري سگهن ٿيون.ان موقعي تي پاڪستاني سفير رضا بشير تارڙ چيو ته پاڪستان عالمي قانون جي پاسداري ڪندي ان آڇ تي غور ڪري سگهي ٿو جنهن جي لاءِ ان آڇ کي سمورن جزيرن سان گڏ اسان حڪومت پاڪستان جي لاڳاپيل کاتن کي آگاهه ڪنداسين ۽ جيڪڏهن اسلام آباد کان جواب مليو ته جاپاني ڪمپني کي آگاهه ڪيو ويندو.ان حوالي سان پاڪ جاپان بزنس ڪونسل جي صدر رانا عابد حسين چيو آهي ته پاڪستان هن وقت سخت معاشي بحران جو شڪار آهي. پاڪستان جا وڏا ذخيرا صرف تيل ۽ گئس جي درآمد تي خرچ ٿي رهيا آهن ان ڪري جيڪڏهن عالمي قانون اجازت ڏئي ته پاڪستان کي سستي تيل ۽ گئس جي خريداري سمورن عالمي قانونن جي پاسداري جو خيال رکندي ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه هجڻ گهرجي. اهوئي سبب هو ته انهن جاپاني ڪمپني کي پاڪستان جي سفير سان ملاقات ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. باقي پاڪستان جي حڪومت کي فيصلو ڪرڻو آهي.