61

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف ملڪي سياست کي نظر ۾ رکندي اتحادي پارٽين جو اهم اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس جي صدارت ڪندو.ذريعن موجب حڪومتي اتحادي پارٽين جو اجلاس ٻنپهرن جو هڪ وڳي لاهور ۾ ٿيندو. جنهن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي بريفنگ ڏني ويندي. اجلاس ۾ ٻين اتحادين پارٽين جا اڳواڻ به شرڪت ڪندا. حڪومتي اتحادي اڳواڻ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪندا.قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ اجلاس کي بريفنگ ڏيندو. اجلاس ۾ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي غور ٿيندو ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تيار ڪئي ويندي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو