اسلام آباد: سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ معاشي، سياسي ۽ آئيني بحران جو ذميوار عمران خان آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جيڪو به شخص جتي به هن فتني ۽ فساد جو سهولتڪار بڻيل آهي اهو قوم جو ڏوهاري آهي. عمران خان ملڪ جي عوام ۽نوجوانن سان فراڊ ڪيو. هن نالائق پنهنجون حڪومتون پاڻ ڪيرايون.هن چيو ته جن سهولتڪارن جي دلاسن تي هن اسيمبليون ٽوڙيون اهي هاڻ پنهنجو پاڻ بچائڻ ۾ پورا آهن. عمران خان پنهنجن سهولتڪارن جي چوڻ تي آئين ٽوڙيو. اسان پيٽرول بم وسائيندڙ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائينداسين.اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته عمران خان پرڏيهي فنڊنگ، گهڙي چوري ۽ پنهنجي ڌيءَ کي نه مڃڻ سبب نااهل ٿيندو. عمران خان کي پرڏيهي ملڪن مان 200 ارب ڊالر آڻڻا هئا، هڪ ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر به ڏيڻا هئا پر هاڻ سندس ڌوڪي ۽ فراڊ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي.