پنجاب ۽ ڪي پي ڪي چونڊون التوا ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٻيهر ٿيندي، دفاع ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري طلب

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جو 3 رڪني بينچ ڏينهن جو ساڍي 11 وڳي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. چونڊ التوا ڪيس ۾ عدالت سڳوري اڄ دفاع ۽ ناڻي واري سيڪريٽري کي به طلب ڪيو آهي. اٽارني جنرل عثمان منصور به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي فنڊز ۽ سيڪيورٽي تي دليل ڏيندو.ٻئي طرف حڪومتي پارٽين سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي ڪارروائي بابت بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. حڪومتي اتحادي پارٽين چيف جسٽس عمر عطا بنديال کان فل ڪورٽ ٺاهڻ جي اپيل ڪئي آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندڙ اڄ ٻڌڻي جي موقعي تي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان اسلام آباد پوليس چيو آهي ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ اهي ئي ماڻهو داخل ٿي سگهندا جن جا ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن.ياد رهي ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلين جون چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي سومر ساڍي 11 وڳي تائين ملتوي ڪئي وئي هئي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال تي ٻڌل 3 رڪني بينچ ٻڌڻي دوران چيو هو ته اميد آهي ته سومر جو سج سٺي خبر سان اڀرندو.