اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طرفان چونڊون ملتوي ٿيڻ خلاف درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو اڄ جاري ڪيو ويندو. فيصلو جاري ٿيڻ کان اڳ بچاءُ واري وزارت سپريم ڪورٽ ۾ مهربند رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.چيف جسٽس بينچ جي ٻن ميمبرن سان گڏ چيمبرس ۾ رپورٽ جو جائزو وٺندو جنهن کان پوءِ اليڪشن بابت فيصلو لکيو ويندو ۽ فيصلو ٻڌائڻ وقت اعلان ڪيو ويندو.سپريم ڪورٽ ٻيهر پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ٻڌائيندي يا سمورين اسيمبلين جون چونڊون گڏ ٿينديون. فيصلو قبول ڪرڻ جوڳو ايندو يا سياسي رنجشون وڌيڪ وڌنديون سڀني جون نظرون سپريم ڪورٽ طرف آهن.سپريم ڪورٽ ٻاهران سيڪيورٽي جا سخت ترين حفاظتي انتظام ڪيا ويا آهن فيصلو اڄ ڪنهن به وقت ٻڌائڻ جو امڪان آهي.