اسلام آباد: چونڊون التوا ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جنهن موجب عدالت سڳوري اليڪشن ڪميشن جو 22 مارچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال قرآن جي آيت پڙهي شروعاتي فيصلو ٻڌائڻ جي شروعات ڪئي. فيصلو ٻڌائيندي چيف جسٽس چيو ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته آئين اليڪشن ڪميشن کي 90 ڏينهن کان اڳيان وڃڻ جي اجازت نٿو ڏئي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو 22 مارچ جو فيصلو غير آئيني قرار ڏنو وڃي ٿو. صدر عارف علوي طرفان ڏنل تاريخ جو فيصلو بحال ڪيو وڃي ٿو. آئين ۽ قانون چونڊن جي تاريخ ملتوي ڪرڻ جي تاريخ نٿو ٿئي. 22 مارچ تي اليڪشن ڪميشن فيصلو ڏنو، تڏهن چونڊ عمل پنجين مرحلي تي هو. اليڪشن ڪميشن جي آرڊر سبب 13 ڏينهن ضايع ٿي ويا. اليڪشن ڪميشن غير آئيني فيصلو ڪيو.سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊن جي 8 آڪٽوبر جي تاريخ ڏئي اختيارن کان مٿانهون استعمال ڪيو. 30 اپريل کان 15 مئي جي وچ ۾ صوبائي چونڊون ڪرايون وڃن. ريٽرننگ آفيسر جي فيصلي خلاف اپيلون جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 10 اپريل هوندي. 17 اپريل تي اليڪشن ٽربيونل اپيلن تي فيصلو ڪندو.
