اسلام آباد: تحريڪ انصاف اڳواڻ فواد چوڌري سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ر دعمل ڏيندي چيو آهي ته قوم کي آئين جي فتح مبارڪ هجي.ٽوئٽر تي جاري ڪيل پيغام ۾ فواد چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو هر پاڪستاني شهري جي حقن جو فيصلو آهي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ جي وڪيل فيصل چوڌري چيو آهي ته اسان سپريم ڪورٽ جا ٿورائتا آهيون.فيصل چوڌري وڌيڪ چيو ته اهو پاڪستان جي مستقبل جو فيصلو آهي ۽ پاڪستان جي عوام هن فيصلي جو تحفظ به ڪندي. ڪنهن به غير آئيني قدم خلاف پنهنجي عدليه سان گڏ بيٺل آهيون.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ پنجاب ۾ چونڊن جي التوا جو اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو فيصلو غيرقانوني ۽ غيرآئيني آهي. چونڊون 30 اپريل جي بجاءِ 14 مئي تي ٿينديون.سپريم ڪورٽ ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ چونڊن جي التوا بابت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت سڳوري گذريل ڏينهن وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو فيصلو محفوظ ڪيو هو.