اسلام آباد: پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد کي ڏنل ڦاهي کي تاريخ عدالتي قتل قرار ڏئي چڪي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف علي زرداري چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس 10 سالن کان ٻڌڻي جو منتظر آهي. 10 سال گذرڻ جي باوجود سپريم ڪورٽ اڃان تائين راءِ ناهي ڏني.هن چيو ته پاڪستان ۽ 1973 جو آئين ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آهن. پاڪستان جي سلامتي ۽ آئين جي خاطر ڪنهن به قرباني کان نه گهبرائينداسين.آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو کي ڏنل ڦاهي کي تاريخ عدالتي قتل قرار ڏئي چڪي آهي.
