چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي عهدو نه ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد: چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال وفاقي حڪومت طرفان عهدي تان هٽايل سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي فوري طور تي عهدي تان هٽائڻ کان روڪي ڇڏيو.گذريل ڏينهن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي فيصلي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي رجسٽرار سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي غير آئيني قرار ڏيندي کيس عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو.وفاقي حڪومت جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي خط تي عمل ڪندي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي عهدي تان هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو هو. وفاقي ڪابينه گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار عشرت علي کي واپس گهرائڻ جي منظوري ڏني هئي.هاڻ رپورٽون اچي رهيون آهن ته چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال وفاقي حڪومت طرفان عهدي تان هٽايل سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي فوري طور تي ريليز کان روڪي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب چيف جسٽس عمر عطا بنديال سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي في الحال چارج نه ڇڏڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.