وفاقي ڪابينه سپريم ڪورٽ جي چونڊن بابت فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه سپريم ڪورٽ جي چونڊن بابت فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جي اجلاس ۾ چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ جي فيصلي جو جائزو ورتو ويو.ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي ڪابينه سپريم ڪورٽ جي چونڊن بابت فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو اقليتي فيصلو آهي ان ڪري ڪابينه ان کي رد ڪري ٿي. سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪرڻ جهڙو نه آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ ڪورٽ جي فيصلي تي ايوان ۾ آواز اٿايندي. اتحادي پارٽيون ايوان ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ڳالهائينديون، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ايوان ۾ حڪومت پنهنجو موقف پيش ڪندي.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ڪميشن جو 8 آڪٽوبر تي پنجاب ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڪالعدم قار ڏيندي صوبائي اسيمبلين ۾ 30 اپريل کان 15 مئي وچ ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.