اسلام آباد: سپريم ڪورٽ طرفان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه چونڊن جي تاريخ بابت ڏنل فيصلي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن رد عمل جو اظهار ڪيو آهي، ٻئي طرف پي ٽي آءِ ڪارڪنن اڄ جشن ملهائڻ جو پڻ اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سپريم ڪورٽ چونڊون ڪرائڻ کي بنيادي آئيني ضرورت قرار ڏنو آهي. اليڪشن ڪميشن کي بنيادي آئيني حق بدلي ڪرڻ جو ڪوبه اختيار نه آهي.ٻئي طرف پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو انصاف ۽ عوام جي وڏي سوڀ آهي. رب پاڪ جو شڪر ادا ڪريون ٿا ته اڄ حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو تاريخي فيصلو آئين ۽ قانون جي فتح سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلي تي سموري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿي.پي ٽي آءِ اڳواڻ حماد اظهر چيو ته سپريم ڪورٽ آئين کي بحال ڪري ڇڏيو ۽ جمهوريت کي بچائي ورتو، قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رهندي هن فيصلي کان علاوه ڪوبه ٻيو فيصلو ممڪن نه هو. حماد اظهر چيو ته سياسي پارٽيون ميدان مان ناهن ڀڄنديون. پي ڊي ايم به جمهوري عمل جو حصو بڻجي. اها جمهوريت ۽ آئين جي فتح آهي.ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب اسيمبلي جون چونڊون 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪرڻ جو اليڪشن ڪميشن جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏيندي پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.ٻئي طرف عدالتي فيصلي کان پوءِ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ وڪيلن طرفان سپريم ڪورٽ ٻاهران جشن ملهايو ويو ۽ عمران خان جي حق ۾ نعريبازي ڪئي وئي. زمان پارڪ ۾ به پي ٽي آءِ ڪارڪنن سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪئي.عدالتي فيصلو حق ۾ اچڻ تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن طرفان اڄ رات افطاري کان پوءِ جشن ملهائڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي.