توشه خانه ڪيس: عمران خان جا 11 اپريل تي عدالت ۾ طلبي جا نوٽيس جاري

اسلام آباد: توشه خانه فوجداري ڪارروائي ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي 11 اپريل تي عدالتي طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪرٽ جي ايڊيشنل سيشن جج ظفر اقبال عمران خان کي طلبي نوٽيس جاري ڪيو. عمران خان جي طلبي نوٽيس تي بني گالا جي ايڊريس لکيل آهي.طلبي جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته عمران خان 11 اپريل ساڍي 8 وڳي عدالت ۾ حاضر ٿئي. توشه خانه فوجداري ڪارروائي جو مرڪزي ڪيس 29 اپريل تي ٻڌڻي جي لاءِ مقرر آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي درخواست داخل ڪئي آهي. عدالت جلد ٻڌڻي جي درخواست تي عمران خان کي 11 اپريل جو نوٽيس جاري ڪيو آهي.عمران خان کي ان کان اڳ 9 اپريل جو نوٽيس جاري ٿيو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو. جنهن کان پوءِ عدالت بنا ڪارروائي جي ٻڌڻي 11 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.