90

مشهور ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا ملالا يوسفزئي کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي : پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا ملالا يوسفزئي کي منافق قرار ڏئي ڇڏيو آهي رپورٽ موجب مختلف تڪراري بيانن سبب سرخين جو حصو رهندڙ ميزبان مٿيرا نوبل انعام يافته ملالا يوسفزئي کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ عالمي ستارن سان گڏ تصويرون شيئر ڪرڻ تي منافق قرار ڏئي ڇڏيو گذريل ڏينهن ملالا طرفان بالي ووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ بالي ووڊ جي ٻين فنڪارن سان گڏ ڪجهه تصويرون شيئر ڪرڻ کان پوءِ مٿيرا پنهنجي آفيشل انسٽا گرام اڪائونٽٽ تي ان تصويرن کي اسٽوري تي لڳائيندي لکيو ته مون کي صرف اهڙن فنڪارن سان تصويرون ڪڍرائڻ جو معاوضو ملندو آهي هن وڌيڪ لکيو ته هن مشڪل صورتحال ۾ جڏهن اسان جو ملڪ ٻڏي رهيو هو ان وقت هن هڪ ڀيرو به پاڪستان جو دورو نه ڪيو هاڻ هي اسان جي ملڪ کي پيش ايندڙ پريشانين جي حوالي سان تقريرون ڪري رهي آهي سوشل ميڊيا صارفين مٿيرا جي ان بيان سان اتفاق ڪندي چيو ته ملالا هميشه پاڪستان جي باري ۾ ڳالهيون ڪندي رهي آهي ڇو ته هو هتي رهندي هئي، پر سچ اهو آهي ته هو پاڪستان جي اصل صورتحال کان بي خبر آهي ڇو ته هو ٻيهر پاڪستان واپس نه ايندي ياد رهي ته گذريل ڏينهن ملالا يوسفزئي نيويارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي اجلاس ۾ اداڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ بالي ووڊ جي اداڪارن سان گڏ ورتل تصويرون شيئر ڪيون هيون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو