جيڪڏهن عمران خان جو ساڳيو رويو رهيو ته شايد 8 آڪٽوبر تي به چونڊون نه ٿين: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان جو اهو ساڳيو رويو رهيو ته شايد 9 آڪٽوبر تي به چونڊون نه ٿين.سپريم ڪورٽ جي حڪم تي اليڪشن ڪميشن کي فنڊ ڏيڻ بجاءِ معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻڻ تي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته حڪومت پارليامينٽ کان راءِ وٺڻ کان سواءِ اڳيان نٿو وڌي سگهي، سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي گهرائيندي ته اهو چئي ڇڏيندو ته حڪومت ڪابينه آهي. ڪابينه معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻيو. اسان ته چئون ٿا سپريم ڪورٽ سموري پارليامينٽ کي گهرائي نااهل ڪري ڇڏي.هن چيو ته عمران خان 25 مئي جو الٽيميٽم نه ڏئي ها ته اسان اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين. نوازشريف جو فيصلو هو ته حڪومت ڇڏي چونڊن ڏانهن وڃو.گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن عمران خان جو ساڳيو رويو رهيو ته شايد 8 آڪٽوبر تي به چونڊون نه ٿين. هن وڌيڪ چيو ته سعودي عرب مان نوازشريف عيد کان پوءِ واپس لنڊن ويندو.