87

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ٻيون ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ اڄ کيڏيو ويندو

ڪراچي : پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو ٻيون ميچ اڄ کيڏيو ويندو پاڪستان ۽ مهمان ٽيم انگلينڊ 7 ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻئين ميچ ۾ اڄ آمهون سامهون ٿينديون ميچ شام جو ساڍي ستين وڳي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو انگلينڊ کي سيريز ۾ هڪ ٻُڙي جي برتري حاصل آهي انگلينڊ پهرين ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ پاڪستان طرفان ڏنل 159 رنسن جو حدف آساني سان 4 وڪيٽن جي نقصان تي اننگز جي آخري اوور ۾ حاصل ڪيو هو بابر اليون اڄ مهمان ٽيم انگلينڊ خلاف ميچ کٽڻ لاءِ پرعزم آهي ياد رهي ته 7 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز جا شروعاتي 4 مارچ ڪراچي ۾ شيڊول آهن جڏهن ته آخري 3 ميچ لاهور ۾ کيڏيا ويندا

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو