اسلام آباد: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جي الزامن کي د ڪري ڇڏيو.اسپيڪر آفيس موجب قرارداد تي ايوان جي اندر ئي ميمبرن کان صحيحون ڪرايون ويون. قومي اسيمبلي جي عملي ۽ ميمبرن جي موجودگي ۾ اهي صحيحون ٿيون، صحيحن جي جعلي ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.اسپيڪر آفيس موجب فواد چوڌري 8 ميمبرن جي صحيحن جو جعلي هجڻ جو رڪارڊ ثابت ڪري. فواد چوڌري اسپيڪر ۽ قومي اسيمبلي جي سيڪريٽري خلاف ڪيس داخل ڪرائي. فواد چوڌري ثبوت ڏئي ٻئي صورت ۾ سندس خلاف قومي اسيمبلي ڪارروائي ڪندي.