اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پنهنجي مٿان داخل ڪيل121 ڪيسن خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، قانون واري وزارت، دفاع، سيڪريٽري ڪيبيٽ ڊويزن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب، اينٽي ڪرپشن، نيب، ايف آءِ اي، وزيراعظم، پيمرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي ڌر بڻايو ويو آهي.عمران خان پاران درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ملڪ ۾ منهنجي مٿان 121 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن. ڪيس ڪوئٽه، ڪراچي، اسلام آباد ۽ لاهور ۾ داخل ڪيا ويا آهن. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي نظربند ۽ گرفتار ڪيو پيو وڃي. نگران صوبائي حڪومت طرفان انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون آهن.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته درخواست جي فيصلي تائين عدالت داخل ڪيسن ۾ ڪارروائي کان روڪڻ جو حڪم ڏئي. اڳ کان داخل ڪيسن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي کان روڪيو وڃي. عدالت بنا نوٽيس جي فوجداري ڪارروائي ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري.