اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن اين اي 24 چارسده جي ننڍين چونڊن ۾ سرڪاري وسيلن ۽ هيليڪاپٽر جي استعمال واري معاملي ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عمران خان ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي واري ڪيس جي ٻڌڻي نثار دراني جي سربراهي ۾ 4 رڪني بئنچ ڪئي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان جي وڪيل اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿي پنهنجي موقف ۾ چيو ته اسان کي ڪالهه نوٽيس مليو هو ان جو جواب جمع ڪرائي رهيا آهيون سڀاڻي ڊي ايم او چارسده ۾ هن ڪيس جي ٻڌڻي آهي اليڪشن ڪميشن جي ممبر چيو ته هر ڀيري ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي هڪ تڪ جي نه پر سموري تڪ جي ڀڃڪڙي ڏسنداسين
اليڪشن ڪميشن جي اسپيشل سيڪريٽري چيو ته هي لاڳيتو ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا هئا هي ڪيس اسان کي جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر اماڻيو آهي هنن 4 ڀيرا ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چيو ته اوهان پشاور ۾ ڀڃڪڙي ڪئي ته ڏنڊ لڳايو ويو ان کان پوءِ چارسده ۾ ڀڃڪڙي ٿي سرڪاري مشينري اوهان جي ڪنٽرول ۾ آهي اوهان تي الزام آهي ته هيليڪاپٽر سميت سموري سرڪاري مشينري ننڍين چونڊن ۾ استعمال ٿي اوهان پنهنجا قانوني اعتراض لکت ۾ اسان کي ڏئي ڇڏيو جنهن تي خيبرپختونخواهه وڏي وزير جي وڪيل چيو ته اوهان جو نوٽيس چارسده اين اي 24 بابت آهي ضابطه اخلاق تي ڊي ايم او ڏنڊ لاڳو نٿو ڪري سگهي مان پنهنجا اعتراض لکت ۾ جمع ڪرائي ٿو ڇڏيان عمران خان طرفان ڪوبه اليڪشن ڪميشن ۾ پيش نه ٿيو جنهن تي اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف جي چيئرمين کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو
