اسلام آباد: ملڪ ۾ سياسي بحران جي حوالي سان جماعت اسلامي سان ڳالهين جي لاءِ تحريڪ انصاف 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي.چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان جي هدايتن تي پي ٽي آءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر طرفان ڪميٽي جي جوڙجڪ جو باصابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.پي ٽي آڳواڻ پرويز خٽڪ، سينيٽر اعجاز احمد چوڌري ۽ ميان محمودالرشيد ڪميٽي ۾ شامل آهن.تحريڪ انصاف جي 3 رڪني ڪميٽي ملڪ ۾ جاري سياسي بحران جي حوالي سان جماعت اسلامي پاڪستان سان ڳالهيون ڪندي.ياد رهي ته گذريل ڏينهن جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جي حڪومت ۽ اپوزيشن پارٽين تحريڪ انصاف سان ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين طرفان ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪيو ويو هو.سراج الحق وزيراعظم شهباز شريف ۽ عمرن خان سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ پي ٽي آءِ چيئرمين کي حڪومت سان ڳالهين جي تجويز ڏني هئي.