اسلام آباد : سپريم ڪورٽ هڪ دفعو ٻيهر پاڪستان تحريڪ انصاف کي قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي ته تحريڪ انصاف جي قومي اسيمبلي ميمبرن جي مرحليوار استعيفائن جي منظوري خلاف درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ڪئي سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کي مرحليوار استعيفائن جي منظوري خلاف درخواست تيار ڪرڻ جو هڪ ٻيو موقعو ڏيندي چيو ته مرحليوار استعيفائن جي منظوري بابت هاءِ ڪورٽ جو حڪم چتو آهي اسپيڪر جي مرحليوار استعيفائون منظور ڪرڻ جي قانوني حيثيت آهي عدالت چيو ته ظاهري طور تي اسپيڪر جي اختيار ۾ مداخلت سان آرٽيڪل 69 متاثر ٿي سگهي ٿو عدالت کي مطمئن ڪريو ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم ۾ ڪهڙي گهٽتائي آهي چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته عوام اوهان کي 5 سالن جي لاءِ چونڊ ڪيو آهي تحريڪ انصاف پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري پارليامينٽ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ ئي اصل فرض آهي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪروڙين ماڻهو هن وقت ٻوڏ سبب بي گهر ٿي چڪا آهن ٻوڏ متاثرين وٽ نه پيئڻ جو پاڻي آهي ۽ نه ئي وري کائڻ لاءِ ماني پرڏيهي ملڪن مان ماڻهو متاثرن جي مدد لاءِ اچي رهيا آهن چيف جسٽس پاڪستان پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ملڪ جي معاشي حالت به ڏسو تحريڪ انصاف کي اندازو آهي ته 123 سيٽن تي ننڍين چونڊن دوران ڪيترو خرچ ايندو جسٽس اطهر من الله گهرائي سان قانون جو جائزو وٺي فيصلو ڏنو ته اسپيڪر جي ڪم ۾ اهڙي قسم جي مداخلت عدالت جي لاءِ ڪافي مشڪل آهي سپريم ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي هڪ دفعو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ واپسي جو مشورو ڏيندي ٻڌڻي اڻڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي
