پاڪستان: جو پلواما معاملو عالمي سطح تي اُٿارڻ جو اعلان

اسلام آباد: بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته پلواما حملي تي والاريل ڪشمير جي اڳوڻي گورنر جي بيان بعد پاڪستان مخالف ڀارت جو ڪوڙو بيانيو سدائين لاءِ دفن ٿي ويو آهي.نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هوته هاڻي ثابت ٿي ويو ته ڀارتي بيانيو ۽ پلواما حملو ڪوڙ تي ٻڌل هو.دفاع واري وزير چيو ته ستيه پال ملڪ جي بيان کانپوءِ پلواما معاملو عالمي فورمز تي اٿاريو ويندو، نريندي مودي جي عمل سبب ٻئي ايٽمي ملڪ ويڙهه جي ڪنڌي تي پهچي ويا هئا.هن چيو ته پلواما واقعي تي پاڪستان سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو، ان ڏس ۾ وڌيڪ انڪشاف ٿيندا، ستيه پال ملڪ جي بيان ثابت ٿئي ٿو ته ڀارت سنجيدا موضوع تي لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو.خواجا آصف چيو ته ڀارت جا اهرا بيانيا ڪوڙ تي ٻڌل هوندا آهن، اسين ڪنهن جي ذهني صلاحيتن کي سڌاري نٿا سهگون .ڀارتي وزيراعظم تي ڇتي تنقيد ڪندي هن چيو ته نريندر مودي ڪوڙ ۽ سازش ذريعي ايٽمي طاقتن کي ويڙهه جي ڪنڌي تائين وٺي آيو هو، والاريل ڪشمير ۾ مظلوم مسلمانن خلاف سازش ذريعي ڪوڙيو بيانيو گهڙيو ويندو آهي.