83

بلاول ڀٽو : پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تمام گهڻي تباهي ٿي آهي 30 ارب ڊالر گهرجن عالمي برادري مدد ڪري

نيويارڪ : پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب تاريخ جي بدترين تباهي ٿي آهي 30 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي عالمي برادري مدد جي لاءِ اڳيان اچي پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب 3 ڪروڙ 50 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن هينئر تائين 1500 کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون آهن موجوده صورتحال ۾ عالمي برادري جو تعاون اڻپورو آهي بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان کي تقريبن 30 ارب ڊالر امداد جي ضرورت آهي ٻوڏ کان پوءِ صحت ۽ خوراڪ جهڙن بحرانن کي منهن ڏنو آهي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت والاريل جمون ڪشمير تي غيرقانوني قابض آهي ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن مٿان طلم ڪيا پيا وڃن والاريل ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019 تي ڀارت هڪ طرفو غيرقانوني قدم کنيو جمون ڪشمير جي جغرافيائي حدن ۾ تبديلي گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهي. ڀارت ڪشمير ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو چيو ته ڀارت اسلاموفوبيا پاليسي سبب مسلمان اتي غير محفوظ آهن ڀارت ۾ مسلمانن سان گڏ ٻين اقليتن تي به ظلم ڪيا پيا وڃن بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄوڪو ڀارت سيڪيولر ناهي جهڙو ان جا باني اڳواڻ چاهيندا هئا ڀارت سان هن وقت ڪنهن به قسم جي رابطي ۾ نه آهيون

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو