اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو.اسلام آباد ۾ منعقد آئين جي گولڊن جوبلي تقريب کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان اڄ آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي ملهائي رهيا آهيون. پاڪستان جو آئين هر شهري لاءِ آهي. هي ڪتاب صرف پارليامينٽ جي لاءِ نه پر سڀني جي لاءِ اهم آهي. هن ڪتاب ۾ ماڻهن جا حق آهن. هڪ جدوجهد کان پوءِ پاڪستان 1947ع ۾ قائم ٿيو ۽ دنيا جي نقشي تي پهريون ڀيرو مسلم رياست وجود ۾ آئي.جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته اسان آئين جي تشريح ڪري سگهون ٿا، جڏهن ناانصافي ٿيندي آهي ته اها گهڻي دير ناهي هلندي، آئين کي اهڙي طرح پيش ناهي ڪيو ويندو جهڙي طرح جو اهو مستحق آهي. اسان کي ڏسڻ گهرجي ته ڪوڙ ۽ بداخلاقي جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا آهن. ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽي ويو پاڪستان اوچتو ناهي ٽٽو پر ان جي لاءِ ٻج پوکيا ويا منهنجي راءِ موجب فيڊرل ڪورٽ جي جسٽس منير پاڪستان ٽوڙڻ جو ٻج پوکيو پاڪستان ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط عدالتي فيصلو هو جيڪو زهريلو ٻج پوکيو ويو اهو پروان چڙهيو ۽ 1971ع ۾ ملڪ ٻن ٽڪڙن ۾ ورهائجي ويو. 1971ع تي قوم جو ڪنڌ جهڪيل هو ۽ قوم شرمسار هئي پوءِ 4 جولاءِ 1977ع تي هڪ شخص جمهوريت ۽ آئين تي وار ڪيو ۽ ان شخص 11 سال حڪومت ڪئي. جنهن کان پوءِ اهو هڪ جهاز حادثي ۾ فوت ٿي ويو.جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اسان جيڪو ڪم اڄ ڪندا آهيون ان جا اثر صدين تائين هوندا آهن. ذوالفقار علي ڀٽو کي هڪ ووٽ سان ڦاهي جي سزا ڏني وئي. تاريخ اسان کي سيکارڻ جي لاءِ ڪيترائي ڀيرا پاڻ کي دهرايو آهي. 1958، 1977، 1993، 1993، 1999 ۾ به تاريخ سڏيندي رهي ته سکو، تاريخ اسان کي ست ڀيرا سبق ڏئي چڪي آهي اڃان ڪيترا ڀيرا سيکاريندي، آئين پاڪستان جهڙو تحفو ٻيهر نه ملندو.سينئر جج چيو ته پاڪستان ٽٽڻ جو وڏو سبب غلط فيصلو هو، 1962ع جي آئين ۾ جمهوريت کي ختم ڪيو ويو هو. 12 آڪٽوبر 99 ۾ هڪ ماڻهو سوچيو ته مون کان بهتر ڪو ٻيو نه آهي. هن ٻيو وار 3 نومبر 2007 ۾ ڪيو. مشرف پنهنجو پاڻ کي آئيني تحفظ ڏنو. جيڪڏهن ڪو غلط فيصلو آهي ته اهو غلط ئي رهندو. تاريخ اسان کي 7 ڀيرا سبق ڏئي چڪي آهي، اسان جيڪڏهن تاريخ مان ڪجهه به نه سکيو ته اها پاڻ کي دهرائيندي رهندي. اسان تي آئين جو بار وڌيڪ آهي. هر شهري پاڪستان جي آئين جي ڪتاب جو پابند آهي، آئين جو وڏو حوصلو آهي، اسان کي به گهرجي ته اسان پنهنجو حوصلو ڏيکاريون.