پارليامينٽ سٺا قانون ٺاهي: چيف جسٽس جو قومي اسيمبلي اسپيڪر کي خط

اسلام آباد: چيف جسٽس عمر عطا بنديال قومي اسيمبلي اسپيڪر کي خط لکي ڇڏيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي مصروفيتن سبب حاضر نه ٿي سگهيس.آئين جي 50 هين سالگرهه جي موقعي تي لکيل خط ۾ چيف جسٽس چيو ته آئين پارليامينٽ کي رياست ۾ قانون واضح ڪرڻ جو اختيار ڏئي ٿو.خط ۾ چيو ويو ته پارليامينٽ سٺا قانون جوڙي، اهڙا قانون، جيڪي آئين جي اعليٰ معيار تي پورا لهن ۽ اهي قانون آئين موجب قوم جي ترقي ڪن، اهي قانون قوم جي خوشحالي ۽ امن ۾ رهنمائي به ڪن.