83

انگلينڊ خلاف ميچ کٽڻ کان پوءِ قومي ٽيم اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا

ڪراچي: انگلينڊ خلاف نيشنل استيڊيم ۾ پاڪستان جي تاريخي فتح کان پوءِ قومي ٽيم منفرد ۽ اهم رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن رپورٽ موجب ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 200 رنسن جو حدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪندڙ دنيا جي پهرين ٽيم بڻجي وئي آهي انگلينڊ خلاف ٻئين ٽي 20 انٽرنيشنل ۾ پاڪستاني ٽيم 200 رنسن جو حدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪيو جيڪو ڪنهن به ٽيم جو ٻيو سڀني کان وڏو اسڪور آهي ياد رهي ته ان کان اڳ نيوزيلينڊ جي ٽيم 2016 ۾ پاڪستان خلاف 169 رنسن جو حدف بنا ڪنهن نقصان جي حاصل ڪيو هو پاڪستاني ٽيم 150 يا ان کان وڌيڪ حدف 2 ڀيرا حاصل ڪندڙ واحد ٽيم آهي پاڪستان 2021 جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ روايتي حريف ڀارت کي به 10 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو