79

مفتاح اسماعيل : آءِ ايم ايف شرطون نرم ڪرڻ لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي

ڪراچي : ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف جي ايم ڊي شرطون نرم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل وزيراعظم ۽ آءِ ايم ايف جي سربراهه سان ملاقات جي باري ۾ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف ايندڙ قسم جي رقم جو حجم وڌائڻ تي به راضپو ظاهر ڪيو آهي
ناڻي واري وزير چيو ته عالمي بئنڪ کان هن سال جي آخر تائين 2 ارب ڊالر وٺنداسين. ٻوڏ کان پوءِ پاڪستان جون حالتون تبديل ٿي ويون آهن ڪپهه ۽ ڪڻڪ جا فصل تباهه ٿيا ته اسان کي 2 شيون درآمد ڪرڻيون پئجي سگهن ٿيون هن چيو ته منهنجو ڪم ٻوڏ متاثرن جي لاءِ رقم جمع ڪرڻ آهي بل گيٽس سان به امداد جي ڳالهه ڪئي آهي هر ٻوڏ متاثر تائين نٿا پهچي سگهون پر ڪرپشن جي ڳالهه ڪوڙي آهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو