76

: آمريڪي سينيٽر : پاڪستان تاريخ جي مشڪل وقت مان گذري رهيو آهي، ٻوڏ سبب 3000 فوتگيون ٿيڻ جو امڪان آهي

واشنگٽن : ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهين تي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي چيئرمين باب مينڊيز چيو آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي فوتگيون ٿيڻ جو امڪان آهي آمريڪي سينيٽ جي پرڏيهي معاملن جي ڪميٽي جي چيئرمين باب مينڊيز چيو آهي ته پاڪستان پنهنجي مشڪل ترين وقت مان گذري رهيو آهي ٻوڏ سبب تقريبن 3000 فوتگيون ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته 4 ڪروڙ پاڪستاني لڏ پلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت جمهوريت ۽ انساني حقن جي مرڪزي عنصرن ڏانهن ڌيان ڏنو ته نئين سر تعمير جو عمل وڌيڪ بهتر طور ممڪن ٿي سگهندو ياد رهي ته باب مينڊيز ان کان اڳ به هڪ بيان ۾ چئي چڪو آهي ته عالمي برادري طرفان پاڪستان کي ٻوڏ جي تباهين کان پوءِ ڏنل امداد هڪ ڦڙي کان وڌيڪ ڪجهه به ناهي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو