71

عمران خان : ملڪ تي چورن قبضو ڪري ورتو آهي روزاني سندن ڪيس معاف ٿي رهيا آهن

اسلام آباد : تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته چورن ملڪ مٿان قبضو ڪري ورتو آهي روزاني سندن ڪيس معاف ٿي رهيا آهن اسلام آباد ۾ شاگرد ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعطم چيو ته مان ملڪ جي لاءِ جهاد وڙهڻ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان حقيقي آزادي جي جنگ اوهان جي بهتر مستقبل جي لاءِ آهي عمران خان چيو ته جنهن قوم ۾ قانون جي حڪمراني نه هئي اها قوم تباهه ٿي ويندي آهي. چورن ملڪ مٿان قبضو ڪري ورتو آهي. روزاني سندن ڪيس معاف ٿي رهيا آهن ڪنوينشن کي خطاب ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته جيلن کي کولي ڇڏيو غريبن جو ڪهڙو قصور آهي غريب ملڪن ۾ هر جڳهه تي زرداري ۽ شريف ويٺل آهن هن چيو ته اڄ 80 سيڪڙو عورتن کي حق نه پيا ملن سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ بدترين غلامي آهي حقيقي آزادي ۽ پنهنجي ايندڙ نسلن جي لا3 جهاد ڪرڻو پوندو. هن چيو ته مديني جي رياست ۾ خليفا به عدالتن ۾ پيش ٿيا هئا سمورن غريب ملڪن ۾ زرداري ۽ نوازشريف جهڙا ماڻهو پئسا ٻاهر کڻي ويندا آهن. جڏهن ملڪ ۾ چور اهم عهدن تي ويهي رهن ته ترقي ڪيئن ٿيندي

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو