اسلام آباد : اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم شهباز شريف جي تقرير جي پرڏيهي پاليسي نڪتن کي ڪاپي پيسٽ قرار ڏئي ڇڏيو شاهه محمود قريشي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته ڪشمير افغانستان ۽ اسلاموفوبيا تي شهباز شريف اهوئي چيو جيڪو عمران خان چوندو رهيو آهي لڳي اهوئي ٿو ته شهباز شريف عمران خان جي ڪا پراڻي تقرير کڻي ڪاپي پيست ڪئي آهي هن اهو به چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سٺو ڪيو جو ٻوڏ تباهين سان گڏ ترقي يافته ملڪن کي انهن جون ذميواريون ٻڌايون پر شهباز شريف ۽ ان جي ڀاءُ جي حڪومت ۾ ماحولياتي تبديلين لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا شاهه محمود قريشي چيو ته 4 ڏهاڪن کان جيڪڏهن هنن پاڻي ذخيرو ڪرڻ جون جڳهون ٺاهيون هجن ها ته اها تباهي نه ٿئي ها عمران خان عملي قدم کنيا هئا جنهن سبب سونامي بلين ٽري جي سموري دنيا تعريف ڪئي
