سرڪاري ملازمن لاءِ خوشخبري: پگهارن ۽ پينشن ۾ وڏي واڌ جو امڪان

اسلام آباد: ايندڙ بجيٽ ۾ محدود وسيلن جي باوجود سول ۽ عسڪري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 کان 30 سيڪڙو تائين واڌ جي تجويز شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.رپورٽ موجب وزيراعظم ڪابينه جو اجلاس طلب ڪيو آهي ان ۾ ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جي قيمتون وڌڻ ۽ ان جي عوام تي پوندڙ اثرن خاص طور تي پگهاردار طبقو پوءِ چاهي اهو سويلين هجي يا ملٽري انهن جي خرچن تي پوندڙ بار کي آڏو رکندي وزيراعظم وفاقي بجيٽ ۾ سول ۽ فوجي ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ مهانگائي جي حوالي سان جيڪڏهن ممڪن نه ٿيو ته مهانگائي جي شرح گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو واڌ ڪرڻ تي مشاورت ڪنداسين.رپورٽ موجب موجوده اسيمبلين جو مدو آگسٽ 2023 ۾ ختم ٿيڻ وارو آهي ان لاءِ حڪومت نئين وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي خاص طور تي عسڪري ۽ سول ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 کان 30 سيڪڙو واڌ جي تجويز مالياتي بل ۾ قومي اسيمبلي مان منظور ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي.