اسلام آباد : عدالت زال کي قتل ڪندڙ جوابدار شاهنواز امير کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي ڊسترڪٽ اينڊ سيشن عدالت اسلام آباد ۾ صحافي اياز امير جي ننهن ڪينيڊا ڄائي ساره جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي پوليس مقتوله جي مڙس ۽ صحافي اياز امير جي پٽ شاهنواز امير کي عدالت ۾ پيش ڪيو شاهنواز امير جي وڪيل چيو ته اهو بلائنڊ مڊر آهي هي قتل صرف الزام جي حد تائين آهي ڪيس ۾ پهريون ريمانڊ آهي جنهن تي ڪوبه اعتراض نه آهي پوليس عدالت کان 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته جوابدار کان پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي هن پنهنجي ڪينيڊا ڄائي پاڪستاني گهر واري کي پرڏيهه مان گهرائي قتل ڪيو پوليس مک جوابدار جي والدين اياز امير ان جي گهر واري، جوابدار جي چاچي ۽ چاچي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا به ڪري ڇڏي عدالت اياز امير ۽ ان جي گهر واري جي گرفتاري جي درخواست منظور ڪري ورتي عدالت شاهنواز امير جي 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري صرف 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو
