اسلام آباد: پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي. غربت، بيروزگاري، مهانگائي ۽ گهٽ آمدني اڄ جي دور ۾ مزدورن جا وڏا مسئلا آهن.مزدورن جي لاءِ ملهائجندڙ عالمي ڏينهن تي به مزدور هن ڏينهن جي اهميت کان بي خبر پنهنجن ٻارن جي روزي روٽي لاءِ ڪم ۾ رڌل آهن. پورهيتن جي ڏينهن تي گوگل جو ڊوڊل به تبديل ٿي ويو آهي. جڏهن ته اڄ سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.مزدورن جو ڏهاڙو ڇو ملهايو ويندو آهي؟1886ع تي پهرين مئي جي ڏينهن آمريڪا جي شهر شڪاگو جا مزدور سرمائيدارن ۽ صنعتڪارن طرفان ڪيل استحصال تي روڊن تي نڪتا پر پوليس طرفان جلوس تي فائرنگ ڪري سوين مزدورن کي قتل ۽ ڪيترن کي زخمي ڪيو جڏهن ته ڪيترن کي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي ڦاهي ڏني وئي.شڪاگو جي مزدورن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پهرين مئي تي مزدورن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي. پهرين مئي تي هر سال اهو ڏينهن ان عهد سان ملهايو ويندو آهي ته مزدورن جون معاشي حالتون تبديل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وڃن.پاڪستان ۾ قومي سطح تي مزدورن جو ڏهاڙو ملهائڻ جي شروعات 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت واري دور ۾ ٿيو. ان ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، سيمينار، ڪانفرنسون ۽ ريليون منعقد ڪيون وينديون آهن.مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي مزدور اڳواڻن جو چوڻ آهي ته نجي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ لکين مزدورن کي اڄ به صحت جي سهولتن سميت سوشل سيڪيورٽي به نه پئي ڏني وڃي. حڪومت طرفان پگهارون وڌائڻ جي اعلان تي به عمل نه پيو ٿئي. مزدور اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته قومي، صوبائي اسيمبلين سميت سينيٽ ۾ مزدورن جي نمائندگي کان سواءِ مزدورن جي مفاد ۾ قانون سازي نٿي ڪري سگهجي ۽ سمورن سياسي پارٽين جي مزدورن لاءِ مخصوص سيٽون مقرر ڪرڻيون پونديون.