112

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو وبائي مرض تيزي سان پکڙجڻ لڳا

سنڌ : ۾ برساتن ۽ ٻوڏ وهڪرن جي تباهين کان پوءِ هڪ مهينو گذرڻ باوجود مختلف شهرن مان اڃان تائين ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي جنهن سبب وبائي مرض تيزي سان پکڙجڻ لڳا آهن خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواهه ۾ هينئر تائين ڪيترائي فٽ پاڻي بيٺل آهي جڏهن ته دادو جو 70 سيڪڙو علائقو اڃان تائين پاڻي هيٺ آهي صحت کاتي موجب سموري ضلعي ۾ مليريا ڊائريا ۽ گيسٽرو جي مريضن جو انگ 26 هزار 5 سئو تائين پهچي ويو آهي خيرپور جي تعلقي ٺري ميرواهه ۾ به اڃان تائين ڪيترائي فٽ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب ٻن مهينن کان شهر جو ڪراچي حيدرآباد نوابشاهه سکر ۽ خيرپور سميت ٻين شهرن سان زميني رابطو ڪاٽا آهي متاثرين جو چوڻ آهي ته اسان جا گهر ڪري پيا فصل تباهه ٿي ويا آهن اسان بي يارو مددگار ٿي چڪا آهيون جڏهن ته پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب هاڻ وبائي بيماريون به تيزي سان پکڙجي رهيون آهن دادو ۾ بندن ۽ سم نالن ۾ پوندڙ گهارا اڃان تائين بند نه ٿي سگهيا خيرپورناٿن شاهه جوهي ۾ ٻوڏ جي پاڻي سبب مليريا ڊائريا ۽ گيسٽرو جون بيماريون پکڙجڻ لڳيون آهن سانگهڙ جي مختلف علائقن مان اڃان تائين پاڻي جي نيڪالي عمل ۾ ناهي اچي سگهي متاثرين کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن مٽياري مان ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب متاثرين پاران نيوسعيدآباد وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻندي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ روڊ بند ڪري ڇڏيا مظاهرين مطالبو ڪيو آهي ته متاثر علائقن مان پاڻي ڪڍيو وڃي متاثرين کي امداد ڏني وڃي ۽ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وڃي بدين ۾ پراڻ بند تي پوندڙ گهارو به 28 ڏينهن گذرڻ باوجود بند ناهي ڪيو ويو جنهن سبب هينئر تائين 6 يونين ڪائونسلن جا 150 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن ان حوالي سان آبپاشي کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته گهاري کي بند ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي ٺٽي ۾ سنڌو درياءَ ويجهو بند تي ٻوڏ متاثر ڏيڍ مهيني کان موجود آهن متاثرن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت ٺاهيل جهڳين جون ڇتيون به تيز هوائن سبب اڏامي ويون آهن ٻئي طرف قمبر شهداد ڪوٽ ۾ به ڪيترن ئي هنڌن تان پاڻي گهٽ ٿي چڪو آهي صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ متاثر واپس پنهنجي اباڻي علائقن ۾ وڃڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو