62

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر سراج الحق کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر جماعت اسلامي جي امير سراج الحق کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو جنهن ۾ سنگين الزامن تي فوري طور تي معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.جماعت اسلامي جي امير سراج الحق اڳوڻي وفاقي وزير ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر تي پرڏيهه ۾ دولت رکڻ جو سنگين الزام لڳايو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ سراج الحق بيان کي رد ڪندي ان کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو جنهن ۾ سراج الحق کان الزام تي فوري طور تي معافي گهرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.اسد عمر چيو آهي ته منهنجي وڪيلن بي بنياد الزام لڳائڻ تي سراج الحق کي قانوني نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي سراج الحق پنهنجي الزام تي معافي گهري ٻئي صورت ۾ کيس قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.اسد عمر وڌيڪ چيو ته سراج الحق قوم کي اهو به ٻڌائي ته کيس اها غلط ڄاڻ ڪنهن ڏني آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو