71

وزيراعظم سان آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي ملاقات، ملڪي صورتحال تي غور

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب ملاقات وزيراعظم هائوس ۾ ٿي، جنهن ۾ موجوده ملڪي صورتحال تي غور ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سيڪيورٽي صورتحال تي بريفنگ ڏني ۽ کيس سرحدي صورتحال سميت دهشتگردي خلاف قدمن بابت آگاهه ڪيو.ذريعن موجب وزيراعظم ملاقات ۾ پاڪ فوج جي پيشيوراڻي معاملن تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو