60

پيٽرول قيمت بابت اوگرا جي سفارش جي خبرن تي اسحاق ڊار وضاحت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار پيٽرول جي قيمت بابت اوگرا جي سفارش جي خبرن تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته پريس ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ رپورٽون گردش هيٺ آهن ته اوگرا پهرين مئي کان پيٽرول جي قيمت ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي هئي، جيڪي بي بنياد ۽ غلط آهن.هن ٻڌايو ته اوگرا پيٽرول سستو ڪرڻ جي ڪا تجويز نه ڏني هئي، اوگرا طرفان پيٽرول سستو ڪرڻ جي تجويز بابت خبر بي بنياد آهن.ياد رهي ته حڪومت پهرين مئي کان پيٽرول جو اگهه برقرار رکيو آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو