اسحاق ڊار 5 سالن کان پوءِ اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پاڪستان پهچندو

اسلام آباد : مسلم ليگ ن جو اڳواڻ اسحاق ڊار 5 سالن کان پوءِ اڄ وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ پاڪستان پهچندو اسحاق ڊار اڱاري تي بطور سينيٽ ميمبر سان گڏ ناڻي واري وزير جو به حلف کڻندو ٻئي طرف ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل پنهنجي استعيفيٰ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نوازشريف کي پيش ڪري ڇڏيو آهي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته نوازشريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير نامزد ڪري ڇڏيو آهي

پنھنجي راءِ لکو