اسلا م آباد: ملڪ ۾ مهانگائي بابت جاري ڪيل نئين رپورٽ پاڪستان کي هلائي ڇڏيو آهي، ڊيفالٽ ٿيندڙ ملڪ سريلنڪا به پاڪستان کان پوئتي رهجي ويو.آمريڪي ميگزين بلوم برگ طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب سريلنڪا ۾ گذريل مهيني مهانگائي جي شرح 35 سيڪڙو رهي، جيڪا پاڪستان جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان مهانگائي ۾ ڊيفالت ٿيندڙ ملڪ سريلنڪا کي به پوئتي ڇڏي ڏنو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال پاڪستاني روپيو بدترين زوال جو شڪار رهيو، ڊالر جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. ٻئي طرف سريلنڪا به پنهنجي معاشي بحران تي قابو پائيندي نظر اچي رهيو آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته هلندڙ مهيني پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.واضح رهي ته شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 36.4 سيڪڙو ٿيڻ کان پوءِ 59 سالن جو رڪارڊ ٽٽي چڪو آهي. اپريل ۾ پاڪستان ۾ مهانگائي وڌيڪ 2.41 سيڪڙو وڌي جيڪا ملڪي تاريخ ۾ 1964ع کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ آهي.شماريات کاتي جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جولاءِ کان اپريل مهانگائي جي شرح 20.23 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هڪ سال ۾ صرف سگريٽ جي قيمت ۾ 159.89، جڏهن ته چانهه جي قيمت ۾ 108.76 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.اهڙي طرح اٽو 106.07 سيڪڙو، ڪڻڪ 10.352 سيڪڙو، آنا 100 سيڪڙو مهانگا ٿيا آهن. رپورٽ موجب چانور ۽ مڱن جي دال جي قيمت ۾ 87 سيڪڙو ۽ 57 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
