76

عمران خان: اڄ پيش نه ٿيو ته سندس عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏينداسين: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ عسڪري ادارن خلاف بيان تي داخل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي اڄ ئي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ عسڪري ادارن خلاف بيان تي عمران خان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق عمران خان جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سوال ڪيو ته ڪٿي آهي درخواستگذار؟عمران خان جي وڪيل چيو ته اهو پيش ناهي ٿيو، ان جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ڪٿي آهي ڇوٽ جي درخواست؟عدالتن جو مذاق بنائي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالتي وقت ختم ٿيڻ تائين عمران خان پيش نه ٿيو ته سندس عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏينداسين.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عمران خان جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ۾ وقفو ڪري ڇڏيو.

ھن خبر تي پنھنجي راءِ جو اظھار ڪريو

پنھنجو تبصرو موڪليو